سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي صلعم سڀاڻي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي.
12 ربيع الاول تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سيرت النبي جي عنوان تي سيمينار، ڪانفرنس ۽ نعت جون محفلون ڪوٺايون وينديون، جڏهن ته جلوس به ڪڍيا ويندا.
ميلاد النبي صلعم تي گهٽين، بازارن، ۽ مسجدن کي ساون جهنڊن، جهنڊين ۽ رنگ برنگي لائيٽن سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي عمارتن تي لائيٽون لڳايون ويون آهن.
ميلاد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي موقعي تي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف هنڌن تي جلوس ۽ ريليون ڪڍيون وينديون، جن ۾ شرڪت ڪندڙ رستن تي درود پاڪ جا ورد ڪندا.
پوليس پاران عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
حڪومت طرفان سڀاڻي عيد ميلاد النبي صه جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عيد ميلاد النبي صلعم سڀاڻي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5
°
C
18.5
°
18.5
°
15%
1.8m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


