- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ 16 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس منجهند اڍائي وڳي ٿيندو، جنهن ۾ حج پاليسي 2025ع جي منظوري ڏني ويندي.
ذريعن موجب، گهرو وزارت اسلام آباد سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ڊويلپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي سمري پيش ڪندي، چيئرمين اين آءِ آر سي جي مقرري جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄمون ڪشمير اسٽيٽ پراپرٽي بجيٽ 25-2024ع جي منظوري ڏني ويندي، حج پاليسي جي سرڪوليشن ذريعي منظوري نٿي وٺي سگهي، مذهبي معاملن واري وزارت حج پاليسي منظوري لاءِ ٻيهر وفاقي ڪابينا کي اماڻي آهي.
ذريعن موجب، سرڪاري حج پيڪيج 10 لک 65 هزار کان 10 لک 75 هزار وچ ۾ رکڻ جي تجويز آهي، حج ڪوٽا موجب پاڪستان مان هڪ لک 79 هزار 210 حج پانڌيئڙا حج جي سعادت حاصل ڪري سگهندا.- Advertisement -
