سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي 24 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي خلاف داخل درخواست تي ٻيلي کاتي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
شهري علي نواز انڙ پاران ٻيلي کاتي جي 24 هزار ايڪڙ تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گمبٽ، سوڀو ديرو واري علائقي ۾ ٻيلي کاتي جي 24 هزار ايڪڙ زمين تي بااثرن قبضو ڪيو آهي.
ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي سيڪريٽرين عدالت پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي.
عدالت ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن.
عدالت چيو ته ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ رينجرز ۽ سيشن جج جي مدد ورتي وڃي.
عدالت جو چوڻ هو ته ٻيلي جي زمينن جي حفاظت لاءِ ڪي پي ۽ پنجاب جيان فورس جوڙي وڃي.
ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته فاريسٽ فورس جوڙڻ لاءِ قانون ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي.
عدالت ٻيلي کاتي ۽ جهنگلي جيوت کاتي کان رپورٽ طلب ڪندي 4 سيپٽمبر تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيلي کاتي جي 24 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي خلاف داخل درخواست تي ٻيلي کاتي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.7
°
C
18.7
°
18.7
°
14%
1.3m/s
0%
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


