تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل عباسي جي صدارت هيٺ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، ڪراچي ۾ سيف سٽي، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين معاملن بابت اهم اجلاس ٿي رهيو آهي. سنڌ هائيڪورٽ جي رجسٽرار موجب، سنڌ هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس منجهند 2 وڳي ٿيندو. اجلاس دوران سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، ڪراچي ۾ سيف سٽي، اسٽريٽ ڪرائم ۽ ٻين معاملن غور ويچار ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز، ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جا ڊي آءِ جيز شرڪت ڪندا. سنڌ هائيڪورٽ جو رجسٽرار، سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻيا عملدار به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. سنڌ هائيڪورٽ جي رجسٽرار طرفان گهوٽڪي، سکر، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ۽ شڪارپور جي ايس ايس پيز کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. رجسٽرار طرفان سنڌ هائيڪورٽ بار ڪراچي، صدر ڪراچي بار، صدر ملير بار، صدر ڪشمور ڪنڌڪوٽ بار ، صدر سکر بار ۽ صدر شڪار پور بار کي به دعوت ڏني وئي آهي. اجلاس دوران سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، گهوٽڪي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي ڪچي، ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ سيف سٽي بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون