حيدرآباد: اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ايس ٽي پي ڪارڪن دم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
حيدرآباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ڪارڪن اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. رات دير سان ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد گلستان سجاد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ڪارڪن امتياز ايري ۽ مدثر لاشاري زخمي ٿي پيا هئا. زخمي ڪارڪنن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. زخمي ڪارڪنن مان امتياز ايري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ٽي پي ڪارڪن امتياز ايري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
15%
4m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون