تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ مادي رڇ رانو کي اسلام آباد وائلڊ لائيف بورڊ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ مادي رڇ رانو کي اسلام آباد وائلڊ لائيف بورڊ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ چڙيا گهر ڪراچي ۾ مادي رڇ رانو لاءِ ناقص انتظامن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. سيڪريٽري وائلڊ لائيف ۽ سينئر ڊائريڪٽر ڪراچي چڙيا گھر عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ڪي ايم سي انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ڏيندي چيو ته رانو کي اهڙي حالت ۾ ڪيئن رکي سگهجي ٿو؟ عدالت چيو ته توهان پنهنجو ڪم پاڻ ڇو نٿا ڪريو؟، هر ڪم لاءِ عدالت جي حڪم جو انتظار ڇو ٿا ڪريو؟. جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته توهان رڇ کي بهتر جاءِ تي ڇو نٿا منتقل ڪريو؟. وڪيل چيو ته رانو کي ستن سالن کان هڪ جاءِ تي رکيو ويو آهي. درخواست ڏيندڙ چيع مادي رڇ رانو جي مٿي ۾ ڪيڙا آهن. عدالت چيو ته ستن سالن کان هڪ جاءِ تي رکيو ويو آهي، بي زبان جانور جو ڪهڙو قصور آهي؟. سيڪريٽري وائلڊ لائيف چيو ته ڪراچي چڙيا گھر ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ آهي، جهنگلي جيوت ان جي ڪنٽرول ۾ ناهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته چڙيا گھر ۾ رانو جو علاج ڇو نه ٿي رهيو آهي؟. درخواست ڏيندڙ چيو ته رانو پنهنجو مٿو پنجري تي هڻي ٿو ۽ پريشان ٿي وڃي ٿو. عدالت چڙيا گھر انتظاميا کي حڪم ڏنو ته ٻن ڏينهن اندر رانو کي اسلام آباد وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ حوالي ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
37 %
2.2kmh
7 %
آچر
22 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون