- Advertisement -
راولپنڊي جي عدالت 26نومبر ڊي چوڪ احتجاج ڪيس ۾ تحريڪ انصاف باني جي ڀيڻ عليمه خان کي گرفتار ڪري سڀاڻي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت راولپنڊي جي جج امجد علي شاهه عليمه خان خلاف صادق آباد ۾ داخل 26 نومبر ڊي چوڪ احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
احتجاج ڪيس ۾ اڄ عليمه خان تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو، جڏهن ته عليمه خان عدالت ۾ پيش نه ٿي.
عدالت حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي عليمه خان کي گرفتار ڪري سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.- Advertisement -
