وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري سبب فوت ٿيلن جي وارثن، زخمين ۽ گهرن لاءِ امداد جو اعلان

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ برسات ۽ برفباري سبب فوت ٿيلن جي وارثن، زخمين ۽ گهرن لاءِ امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته کين پاڪستان کي قرضن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻو آهي، ان لاءِ ذاتيات کان هٽي ڪري پسند ناپسند کي دفن ڪرڻو آهي ۽ ملڪ خاطر گڏجي ويهي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. مظفر آباد جي دوري دوران آزاد ڪشمير ۾ تيز برسات ۽ برفباري جي متاثرن سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قدرتي آفت ۾ آزاد ڪشمير جا 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته اڄ هو آزاد ڪشمير ۾ تعزيت جي اظهار ۽ افسوس لاءِ آيو آهي، الله پاڪ فوتين جي مغفرت ۽ زخمين کي جلد صحتياب فرمائي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، هي الله جو نظام آهي، ان اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، جيستائين متاثر پنهنجن گهرن ۾ آباد نه ٿيندا تائين هو سک سان نه ويهندا، متاثرن جي مدد حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته فوتين جي وارثن کي 20، 20 لک، زخمين کي پنج، پنج لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته  قدرتي آفت ۾ جن جا گهر مڪمل تباهه ٿيا کين 7 لک ۽ جن جا گهر جزوي طور تباهه ٿيا کين ساڍا 3 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن ته جيئن ڪنهن جي حق جي ڀڃڪڙي نه ٿئي، وزيراعظم آزاد ڪشمير اين ڊي ايم اي سان گڏجي سروي ڪندو. شهباز شريف چيو ته اڄ 8 مارچ آهي، رمضان شريف اچي رهيو آهي، 13 مارچ تي نقصانن رقم سروي بعد گهرن تائين پهچائي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قدرتي آفت سبب جيڪي زخمي ٿيا سندن رقم به 13 مارچ تي پهچائي ويندي، انهن علائقن لاءِ اين ڊي ايم اي کي هيلي ڪاپٽر فراهم ڪيا پيا وڃن، قدرتي آفت جي صورت ۾ هيلي ڪاپٽر جهڙي سهولت فوري طور تي دستياب هوندي. هن چيو ته آزاد ڪشمير پاڪستان جي ساهه واري رڳ آهي، قائداعظم جو اهو ئي قول آهي، ڪشميري عوام ڏکي گهڙي ۾ پاڻ کي اڪيلو نه ڏسندو، جيڪي اعلان ڪيا آهن انهن تي عمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هتان جي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان به هڪ ڌار اجلاس ڪيو ويندو، هن وقت سندن 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسڪول کان ٻاهر آهن، صوبائي حڪومتن سان صلاح مشوري کانپوءِ تعليم جو بندوبست ڪيو ويندو، مسجدن ۾ به تعليم جو بندوبست ڪيو ويندو. شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن مواصلاتي نظام بهتر نه ٿيندو ته ڪهڙي طرح ڪميونيڪيشن، واپار ۽ ضرورتون پوريون ٿينديون؟. وزيراعظم چيو ته کين ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن ۽ اهي اشرافيه لاءِ هوندا، جيڪي قومون ڪجهه سببن جي ڪري تباهه ٿي ويون اهي ٻيهر زنده ٿيون، قومن پنهنجي شڪست کي محنت، محنت ۽ مسلسل محنت ۾ تبديل ڪيو، الله پاڪ کين ذرخيز زمين ڏني آهي، آزاد ڪشمير ۾ قدرتي معدنيات جا ذخيرا آهن، اوهان ڇا ڪجهه نٿا ڪري سگهو؟ شهباز شريف چيو ته قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، نفرتن بدران محبتن جا گل نڇاور ڪرڻا آهن، کين پاڪستان کي قرضن جي ڌٻڻ مان ڪڍڻو آهي، ان لاءِ ذاتيات کان هٽي ڪري پسند ناپسند کي دفن ڪرڻو آهي ۽ ملڪ خاطر گڏجي ويهي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير ۾ برساتن ۽ برفباري جي متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ امدادي چيڪ ورهايا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
32%
4.2m/s
22%
اربع
21 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون