تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل محمد حنيف بلو جي بازيابيءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران کيس بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل محمد حنيف بلو جي بازيابيءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران کيس بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل محمد حنيف بلو جي بازيابيءَ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران لاڳاپيل پوليس، گهرو کاتي جو فوڪل پرسن ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر عدالت ۾پيش ٿيا. گم ٿيل محمد حنيف عرف بلو بادشاهه جي امڙ پنهنجي وڪيل سڪندر ايوب خاصخيلي جي ذريعي موقف اختيار ڪيو ته هڪ سال اڳ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار سندس پٽ کي ڪراچي جي عبدالله ڳوٺ واري علائقي مان کڻي ويا هئا. وڪيل سڪندر خاصخيلي چيو ته 2020ع جي پراڻي ڪيس ۾ حنيف جي گرفتاري ظاهر  ٿي ۽ جيل ۾ بند هو، جنهن بعد پوليس فيبروري 2024ع ۾ جيل مان گم ڪيو ويو. وڪيل سڪندر خاصخيلي چيو ته خدشو آهي ته پوليس محمد حنيف عرف بلو بادشاهه کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيندي، عدالت کي درخواست آهي ته اختيارين کي فوري بازيابي لاءِ حڪم ڏنو وڃي. وڪيل چيو ته حنيف عرف بلو بادشاهه هڪ سال کان گم آهي، سندس ننڍڙا ٻار آهن، جن جو سهارو آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي پوليس آفيسرن ۽ ٻين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي محمد حنيف عرف بلو بادشاهه کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي گم ٿيل شخص بازياب نه ٿيو ته پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون