سڪندر آباد ويجهو 11 هزار وولٽيج بجلي جون تارون ڪرڻ سبب 12 ڍور مري ويا.
ڳوٺ زمان شر ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب سهراب شر، غلام مصطفيٰ ۽ بهادر شر جون 12 کان وڌيڪ مينهون مري ويون.
متاثر ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي جي پراڻي تارن ۽ روزانو ٽٽڻ بابت سيپڪو نارا عملدارن کي شڪايتون ڪيون پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو.
هنن چيو ته بجلي جون تارون ڪرڻ سبب سندن 12 کان وڌيڪ مينهون مري ويون آهن، جنهن ڪري لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.
متاثر ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سيپڪو نارا عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.