سنڌ هائيڪورٽ ۾ اچڻ جو مقصد انصاف حاصل ڪرڻ آهي : جونيئر ذوالفقار ڀٽو

- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ جي پٽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو آهي ته حيرت جي ڳالهه آهي ته جوابدارن مان ڪنهن هڪ کي به سزا نه ملي آهي، هو پنهنجي والد جي خون سان انصاف سميت سمورن مظلومن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته سنڌ هائيڪورٽ ۾ اچڻ جو مقصد انصاف حاصل ڪرڻ آهي، هو سمجهن ٿا ته جيڪي هن ڪيس ۾ نامزد هئا اهي ئي واقعي جا ذميوار آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪي جوابدار ڪيس ۾ ملوث هئا کين تحفا ۽ ترقيون ڏنيون ويون، حيرت آهي ته 8 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ ايترن سالن ۾ انصاف نه ملي سگهيو آهي. پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ جي پٽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته سندس ڏاڏي ۽ والد سان ناانصافيون ٿيون آهن ان باوجود عدالت مان انصاف جي اميد رکن ٿا. هن چيو ته هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ۾ به ڌر بڻجڻ وڃي رهيا آهن ڪيس ٻيهر کليو آهي اميد آهي ته عدالت انصاف ڪندي. پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ جي پٽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته هو پنهنجي والد کي روزانو ياد ڪندو آهي ۽ ساڻس ڳالهيون ڪندو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.4 ° C
23.4 °
23.4 °
39%
2.1m/s
10%
ڇنڇر
23 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون