تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٽن سڳن ڀائرن سميت ڊگهي عرصي کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ٽن سڳن ڀائرن سميت ڊگهي عرصي کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪندي چئن هفتن ۾ پتو لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ٽن سڳن ڀائرن سميت ڊگهي عرصي کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙن چيو ته شهري نعيم الله 2015ع کان منگهوپير جي علائقي مان گم آهي، طارق خان 2016ع کان لانڍي ۽ طاهر ريحان 2016ع کان سينٽرل جيل مان آزادي بعد گم آهي. درخواست ڏيندڙ چيو ته 3 سڳا ڀائر مسعود علي جنيدي، طلحه علي ۽ معظم علي جنيدي 2017ع کان سچل واري علائقي مان گم آهن. درخواست ڏيندڙ چيو ته شهري ظهير علي حيدرآباد واري علائقي ڦليلي مان گم ٿيو آهي. عدالت ايف آءِ اي کان شهرين جي ٽريول هسٽري طلب ڪري ورتي. عدالت پاران جي آءِ ٽيز ۽ ٽاسڪ فورس جا اجلاس جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪندي چئن هفتن ۾ گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پاران گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائڻ لاءِ ماڊرن ڊوائيسز ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺڻ جو به حڪم ڏنو ويو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
48 %
1.7kmh
62 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون