تازه ترين

سنڌ هائيڪورٽ 14 ورهين جي نينگر سميت 13 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي

سنڌ هائيڪورٽ 14 ورهين جي نينگر سميت 13 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي گهرو وزارت پنهنجي ماتحت ادارن کان گم ٿيل ماڻهن بابت معلومات حاصل ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ هائيڪورٽ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل بينچ 14 ورهين جي نينگر سميت 13 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 14 ورهين جو عطا الله لياقت نيشنل اسپتال ۾ مينٽيننس جو ڪم ڪندو هو، هو ڪم ڪري واپس اچي رهيو هو ته ڪنهن ايجنسي اسپتال جي گيٽ تان کنيو.

عدالت آءِ او کان پڇاڻو ڪيو ته شهري جي بازيابيءَ بابت ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟، جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 18 جي آءِ ٽي جا اجلاس ٿي چڪا آهن ۽ گذريل جي آءِ ٽي ۾ نينگر جي جبري گمشدگي ظاهر ڪئي وئي آهي.

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 14 ورهين جي نينگر جي جبري گمشدگي ڪيئن ٿي سگهي ٿي، هن اهڙو ڇا ڪيو آهي؟، جي آءِ ٽي هيڊ اکيون بند ڪري لکندا آهن ڇا؟.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي هيڊ پاڻ پيش ٿي ڪري وضاحت ڪري ته نينگر کي جبري گمشدگي ۾ ڇو ظاهر ڪيو.

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته نينگر جو ڪو ڪرمنل رڪارڊ آهي؟، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته نينگر جو ڪوبه ڪرمنل رڪارڊ ناهي، نينگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ مختلف ايجنسين کي خط لکيا ويا آهن.

عدالت جي آءِ ٽيز ۽ پي ٽي ايف سيشنز اجلاس ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت پاران ڊي آءِ جي کي ڪارروائي ۾ سهڪار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

عدالت 2016ع کان گم ٿيل لياري جي ڏوهاري ٽولي جي عبدالرحمان ڪيس ۾ ٻيهر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

رينجرز پهريان پنهنجي جواب ۾ عبدالرحمان جي گمشدگي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري چڪي آهي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رينجرز جي قانون واري آفيسر کي حڪم ڏيندي چيو ته رينجرز اختياريون ٻيهر تفصيلي جواب جمع ڪرائن.

عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي گهرو وزارت پنهنجي ماتحت ادارن کان گم ٿيل ماڻهن بابت معلومات حاصل ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
22 %
3.2kmh
8 %
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °
خميس
26 °

تازه ترين خبرون