تازه ترين

ڪراچيءَ ۾ اورنج لائن ۽ گرين لائن کي ڳنڍڻ لاءِ شٽل سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچيءَ ۾ اورنج لائن ۽ گرين لائن کي ڳنڍڻ لاءِ شٽل سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ سيڪريٽري اسد ضامن، ريڊ، اورنج ۽ ييلو لائن اختيارين سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اورنج لائن ۽ گرين لائن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو پيو وڃي، اورنج ۽ گرين لائن کي ملائڻ لاءِ شٽل سروس شروع ڪئي ويندي.

هن چيو ته شروعاتي طور تي عيد کانپوءِ شٽل سروس نمائش کان ٽاور تائين ڏني ويندي،انو ڀائي پارڪ کان جناح وومين ڪاليج تائين شٽل سروس مفت فراهم ڪئي ويندي.

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي پراجيڪٽ تحت 18 بلين ماليت جي 300 بسن جو واعدو ڪيو هو، بسن جي فراهمي بابت وفاقي حڪومت سان ڳالهايو ويندو، ريڊ لائن بي آر ٽي تي نگران حڪومت ڌيان نه ڏنو، جنهن سبب ڪم دير جو شڪار ٿيو.

سندس چوڻ هو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي ڪوششن سان ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان شروع ڪري رهيا آهن، هو چاهن ٿا ته ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم جلد کان جلد پورو ڪيو وڃي جيئن عوام کي فائدو ٿئي.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ سرڪار هاڻي انٽر سٽي بس سروس شروع ڪرڻ جي منصوبن تي ڪم ڪرڻ وڃي رهي آهي، ضلعن جي ٽرانسپورٽ پراجيڪٽ تحت عوام جي سهولت لاءِ 500 بسون خريد ڪيون وينديون.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ييلو لائن بس سروس لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي، اميد آهي ته تمام جلد عوام ييلو لائن بس سروس مان فائدو حاصل ڪندو، سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي کان حيدرآباد، ميرپورخاص کان حيدرآباد، لاڙڪاڻي کان سکر، لاڙڪاڻي کان قمبر شهدادڪوٽ بسون هلايون وينديون.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
38 %
3.8kmh
32 %
ڇنڇر
17 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون