تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ طرفان سڀاڻي کان ڪتابن جي ورهاست جو عمل شروع

- Advertisement -
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ طرفان سڀاڻي کان ڪتابن جي ورهاست جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي، پر هن مهل تائين ڪتابن جي ڇپائيءَ جا حتمي انگ اکر ظاهر نه ٿي سگهيا آهن ڪتابن جي ورهاست بابت ڄامشوري ۾ ميڊيا بريفنگ دوران چيئرمين ڇپائي جا انگ اکر ٻڌائڻ بدران مجموعي طور ڪتابن جي لسٽ جاري  ڪئي. بورڊ هن وقت تائين ٽن ٽرينڊر ڪرڻ باوجود ڪيترا ڪتاب ڇپائي چُڪو آهي مڪمل آرڊر مان ڪيترائي ڪتاب ڇپجي بورڊ وٽ پهتا آهن ان جا انگ اکر سوال ڪرڻ باوجود نه ملي سگهيا. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين عبدالعليم لاشاري ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته بورڊ جو ڪم وقت ۽ حالتن جي حساب سان ڪتابن ۾ بهتري آڻڻ، ڪتابن جي ڇپائي ڪرڻ، ورھائڻ ۽ مارڪيٽ ۾ آڻڻ هوندو آهي، جنهن جي شروعات ٽينڊر سان ٿيندي آهي. هن چيو ته ٽينڊر هن ڀيري ڪجهه مجبورين ۽ عدالتي معاملن سبب دير سان ٿيو، پهريون ٽينڊر هلندڙ سال مئي، ٻيون ۽ ٽيون ٽينڊر جون ۾ ٿيو، ڪتابن جي ڇپائي وارو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿيڻ مشڪل هو. سندس چوڻ هو ته ٽيم ۽ پبلشرن جي ساٿ سان وقت کان اڳ ڪتاب ڇپائي ورتا آهن، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن لاءِ 44 لک 53 هزار ڪتابن جا سيٽ تيار ڪري ورتا آهن، جن جي ورھاست 31 جولائي کان شروع ڪئي ويندي ۽ اهو عمل 15 آگسٽ تائين مڪمل ڪيو ويندو. عبدالعليم لاشاري چيو ته ڪتابن جي ڇپائي وارو ڪم 80 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، ڪتاب گودامن ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، جن جا سيٽ به تيار ٿي ويا آهن، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري ٻيڻا ڪتاب ڇپايا ويا آهن، جن جو انگ 2 ڪروڙ 43 لک آهي. هن چيو ته تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري اسڪولز زاهد عباسي جو ڀرپور سهڪار رهيو، جنهن سان ئي ڏکيائن باوجود ڪتابن جي ڇپائي وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. عبدالعليم لاشاري چيو ته گذريل سال ڊالر جو اگهه وڌڻ، مهانگائي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ سبب ڪتابن جي گهٽ ڇپائي ٿي ۽ ڪتابن جي کوٽ جون شڪايتون سامهون آيون پر هن ڀيري ڪتاب ٻيڻ تي وڌيڪ ڇپايا آهن…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
27 %
1.8kmh
22 %
اڱارو
20 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون