- Advertisement -
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ، 7 ڊسمبر تي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو “عورت جي آزادي، سنڌ جي خوشحالي” جي سري هيٺ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ، سنڌو ماٿريءَ جي قديم تهذيب جي عظيم ثقافت جو ڏهاڙو 7 ڊسمبر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ترجمان پاران پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ طرفان هن ڀيري “عورت جي آزادي، سنڌ جي خوشحالي” جي سري هيٺ ملهايو ويندو.
بيان موجب سنڌ جي عورت کي پوئتي رکيو ويو آهي، اڄ به عورت گهريلو تشدد جو شڪار آهي، ٻهراڙين ۾ نياڻين کي تعليم کان محروم رکيو پيو وڃي، تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي تحفظ ناهي، اِهوئي سبب آهي جو اُهي آپگهات تي مجبور ٿي وڃن ٿيون، جڏهن ته عورت کي روزگار جا به برابريءَ جي بنياد تي موقعا فراهم نه پيا ٿين.
ترجمان موجب معاشي ۽ سماجي طور تي عورت کي پوئتي رکيو پيو وڃي، جيستائين عورت پاڻڀري نه ٿيندي تيستائين سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن نه آهي.
سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ جي ترجمان موجب ثقافتي ڏهاڙو “عورت جي آزادي، سنڌ جي خوشحالي” جي سري هيٺ ملهائڻ جو مقصد عورت کي معاشي ۽ سماجي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي.
بيان موجب سنڌ ٽي وي نيٽ ورڪ طرفان ثقافتي ڏهاڙي تائين اِن سري هيٺ ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪوٺائي جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي.- Advertisement -
