- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق استعيفيٰ ڏيڻ جي لاءِ شرط رکي ڇڏيا.
ذريعن موجب چوڌري انوار الحق حامي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي لاءِ ترقياتي فنڊ ۽ جاري منصوبن جي گارنٽي گهري ورتي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري انوار الحق مطالبو ڪيو آهي ته ن ليگ جا وزير ۽ ٽڪيٽ هولڊرن کي به ايندڙ اليڪشن کان اڳ برابر جي بنياد تي فنڊ ڏنو وڃي.
واضح رهي ته مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف تحريڪ عدم اعتماد تي اتفاق ڪري چڪي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي بي اعتمادي جي رٿ لاءِ 36 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي.
ٻئي طرف چوڌري انوار الحق به اڃا تائين وزارت عظميٰ تان استعيفيٰ نه ڏنو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن نمبر پورا آهن ته عدم اعتماد تحريڪ آڻيو…….- Advertisement -
