تازه ترين

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2021 ۾ 186 اميدوار ڪامياب قرار

- Advertisement -
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2021 جي لکت واري امتحان ۾ 186 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان گڏيل چٽاڀيٽي امتحان 2021 جي لکت واري امتحان جا نتيجا جاري ڪيا ويا. ڪامياب 186 اميدوارن کي گھربل ڪاغذ جمع ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي. ايس پي ايس سي پاران آگاھي اشتھار ذريعي ڏني وئي ھئي، جنھن ۾ 23 هزار اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون. سي سي اي 2021 جي اسڪريننگ ٽيسٽ 13 مارچ 2021 تي منعقد ٿي، جنھن ۾22 هزار872 اميدوارن شرڪت ڪئي. ايس پي ايس پاران اسڪريننگ ۾ ڪامياب اميدوارن جو لکت امتحان فيبروري 2022 ۾ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف سينٽرز تي منعقد ٿيو، جنھن ۾ ڪامياب 186 اميدوارن جا نتيجا اڄ جاري ڪيا ويا آھن. لکت امتحان ۾ ڪامياب اميدوارن جي ڪاغذن جي چڪاس کانپوءِ زباني امتحان جو شيڊيول جاري ڪيو ويندو. ايس پي ايس سي پاران ڄاڻايل نتيجن ۾ شھري ۽ ٻھراڙي ڪوٽا سميت سنڌ ۾ رائج سمورين آئيني گهرجن کي عمل ۾ آندو ويو آھي. ڪامياب اميدوارن جي فھرست ايس پي ايس سي جي ويب  سائٽ تي پڻ ڏسي سگھجي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون