سنڌ پوليس جي هيلٿ انشورنس پاليسي بابت شعور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي:آءِ جي سنڌ

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ پوليس جي هيلٿ انشورنس پاليسي بابت شعور ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ پوليس هيلٿ انشورنس پاليسي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ، هيڊ ڪوارٽر، آءِ ٽي، فنانس، ايڊمنسٽريشن ڪراچي سميت اي آءِ جيز فنانس، ويلفيئر، لاجسٽڪس، ايڊمن، ايم اينڊ پي آر، پي ڊي آءِ ٽي بالمشافه جڏهن ته ڊي آءِ جي حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، شهيدبينظير آباد، ايس ايس پي لاڙڪاڻو وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي فنانس اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي سنڌ پوليس هيلٿ انشورنس پاليسي جي حوالي سان هن وقت تائين ڪيل اڳڀرائي ۽ قدمن بابت آگاهي ڏني. آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ پوليس جي هيلٿ انشورنس پاليسي بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي،آفيسرن کي هيلٿ انشورنس پاليسي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن. هن چيو ته سنڌ پوليس جي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين کي به اپ گريڊ ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.1 ° C
21.1 °
21.1 °
36%
3m/s
0%
جمعو
21 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون