ايڪسائيز کاتي سنڌ پريمئم نمبر پليٽس لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ايڪسائيز کاتي سنڌ پريمئم نمبر پليٽس لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ پلاٽينم، گولڊ ۽ سلور ڪيٽيگريز ۾ نمبر پليٽ جي ھاڻي آن لائن ٻولي لڳائي ويندي، ٻولي لڳائڻ جو مقصد ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي تعمير لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ آھي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتي جو اھم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائيز اورنگزيب اڪبر پنھور، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي، رياض حسن کوسو، ٻين ڊائريڪٽرز ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پريمئم نمبر پليٽس لاءِ خاص پورٽل متعارف ڪرايو پيو وڃي، پورٽل تي خواھشمند ماڻھو پلاٽينم، گولڊ ۽ سلور ڪيٽيگريز ۾ پريمئم نمبر پليٽس جي لاءِ واڪ ڏيندا. هن چيو ته خواھشمند ماڻھن کي ھڪ مقرر مدي اندر آن لائن واڪ ذريعي پريميئم نمبر پليٽس حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. سندس چوڻ هو ته 12 آڪٽوبر 2024 تي ڪراچي ۾ ھڪ وڏي فنڊ ريزنگ ايونٽ جي رٿابندي بھ ڪئي وئي آھي، فنڊ ريزنگ ايونٽ ۾ پريمئم ۽ پرسنلائيزڊ نمبر پليٽس تي ٻولي لڳائي ويندي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته پليٽس جي ٻولي مان حاصل ٿيڻ واري رقم سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ھائوسنگ پروجيڪٽ جي لاءِ مختص ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پريمئم نمبر پليٽس جي ٻيھر وڪري لاءِ بھ پورٽل متعارف ڪرايو پيو وڃي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ منشيات خلاف ڊيوٽي ۾ ڪوتاھي ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن خلاف سخت ڪارروائي جو بھ فيصلو ڪيو ويو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ معاشري کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ منشيات خلاف ڪاررواين ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي. ھن چيو تھ منشيات خلاف پوليس فورس کان اضافي افرادي قوت وٺڻ سميت ٻيا وسيلا ڪتب آندا ويندا…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.1 ° C
21.1 °
21.1 °
36%
3m/s
0%
جمعو
21 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون