- Advertisement -
سنڌ ڪابينا تاريخي ماڳ ڪارونجهر کي محفوظ ورثو قرار ڏيندي ثقافت کاتي کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪابينا پابندي مڙهيل منشيات جو فصل پوکڻ تي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيه ڏنڊ جي سزا، منشيات تيار ڪرڻ ۽ جاءِ استعمال ڪرڻ تي 14 سال قيد ۽ 20 لک رپيه ڏنڊ، منشيات رکڻ تي هڪ کان 7 سال قيد ۽ 10 لک رپيه ڏنڊ، آءِ ٽي ڪمپني ٺاهڻ، ڪڪڙ ڪيڊٽ ڪاليج نيوي حوالي ڪرڻ، اسلام ڪوٽ ۾ آر او پلانٽ جي بحالي لاءِ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.
سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ميمبرن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران ڪابينا ڪارونجهر جابلو پٽيءَ کي محفوظ ورثو قرار ڏيڻ جي منظوري ڏيندي ثقافت کاتي کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڪابينا ڪابينا پابندي مڙهيل منشيات جو فصل پوکڻ تي 7 سال قيد ۽ 5 لک رپيه ڏنڊ جي سزا جي منظوري ڏني، منشيات تيار ڪرڻ ۽ جاءِ استعمال ڪرڻ تي 14 سال قيد ۽ 20 لک رپيه ڏنڊ وڌو ويندو، جڏهن ته منشيات رکڻ تي هڪ کان 7 سال قيد ۽ 10 لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ويندي.
سنڌ ڪابينا آءِ ٽي ڪمپني ٺاهڻ ۽ ڪڪڙ ڪيڊٽ ڪاليج نيوي حوالي ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني.
ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪٽ 104 ايڪڙن تي دادو ضلعي ۾ قائم ڪئي وئي آهي.
ڪابينا اسلام ڪوٽ ۾ آر او پلانٽ جي بحالي لاءِ رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.- Advertisement -
