سنڌ ڪابينا ڪنٽونمينٽ بورڊ کي پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ ڪابينا ڪنٽونمينٽ بورڊ کي پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪنٽونمينٽ بورڊ ٽيڪس اوڳاڙڻ جا 2 سيڪڙو سروس چارجز رکي باقي سنڌ حڪومت کي ڏيندي، ڪابينا ڪراچي کي حب ڪئنال مان پاڻيءَ جي فراهمي وڌائڻ ۽ حب ڪئنال جي بحالي لاءِ 12 ڏهائي 7 بلين رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته اسٽيل ملز جي بحالي ۽ خالي زمين تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿي، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي علائقن مان پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته ڪنٽونمينٽ بورڊ پنهنجي طريقي موجب پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪري، ڪنٽونمينٽ بورڊ پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ جو 2 سيڪڙو سروس چارجز رکي باقي سنڌ حڪومت کي ڏيندو. سنڌ ڪابينا سالڊ ويسٽ مينجمينٽ لاءِ 9 ڏهائي 6 بلين رپين جي منظوري پڻ ڏني. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيڪي بلڊر پنهنجو ڪچرو روڊن سان گڏ ڊمپ ڪندا ان کي کڻائڻ جي رقم علائقي جو ايس ايس پي ادا ڪندو، پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڪير به ڪچرو روڊ ڪناري نه اڇلائي. سنڌ ڪابينا وليج سڪرنڊ کوسا جو 2 ڪلوميٽر روڊ ٺاهڻ لاءِ 60 ڏهائي 9 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه، سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي بورڊ آف انويسٽمينٽ ايس بوس سسٽم جوڙيو آهي، ايس بوس هڪ وقت ۾ 16 مختلف کاتن جو گڏيل سسٽم هوندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار کي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ ايس بوس اهم ثابت ٿيندو. سنڌ ڪابينا سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايس بوس سسٽم جي به منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير پاران سمورن کاتن کي پنهنجي قانونن جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. سنڌ ڪابينا سٽي آف اينجلز لاءِ 100 ايڪڙ ايراضي مخصوص ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا اليڪٽرڪ وهيڪلز جي في ۾ رعايت جي به منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي سفارش تي اي وهيلڪز نان ڪمرشل لاءِ هڪ هزار رپيا، موٽر وهيلڪز ٽيڪس 500 رپيا، 2 هزار سي سي لگزري اي وهيلڪز جي 5 هزار، اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل 500 ۽ ليٽ رجسٽريشن جو ڏنڊ هڪ هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير جو چوڻ هو ته ملير ايڪسپريس وي جي سموري ٽريڪ تي زمين ري ڪليم ٿي رهي آهي، ملير ايڪسپريس وي جي ري ڪليم ايراضي ۾ هڪ انچ تي به قبضو برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ ڪابينا ڪراچي کي حب ڪينال مان پاڻيءَ جي فراهمي وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت پهريان حب ڪينال تي پي پي پي موڊ تي ڪم ڪري رهي هئي، هاڻي حب ڪينال پراجيڪٽ سنڌ سرڪار پنهنجي گرانٽ سان ڪرڻ چاهي ٿي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت هاڻي حب ڪينال پراجيڪٽ پنهنجي خرچ سان مڪمل ڪندي. وڏي وزير حب ڪينال جي بحالي جي منصوبي لاءِ 12 ڏهائي 7 بلين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. مراد علي شاهه هن سال حب ڪينال پراجڪيٽ لاءِ 750 ملين رپيا رکڻ جي هدايت به ڪئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هو نئين مالي سال 25-2024ع ۾ 12 بلين رويا ڏيندا. سنڌ ڪابينا گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ سان خانگي ڀائيواري جي پراجيڪٽ تي غور ڪيو. ڪابينا اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته گرين ڪارپوريٽ سنڌ ۾ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ ڪرڻ چاهي ٿي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سان صوبي ۾ انويسٽمينٽ ايندي، گرين ڪارپوريٽ 6 ضلعن ۾ 52 هزار ايڪڙن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ ڪابينا تجويز تي سب ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سنڌ ڪابينا اسٽيل ملز بحالي ۽ خالي زمين تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته هنن پاڪستان اسٽيل ملز کي خانگاهڻ کان بچايو آهي، اسٽيل ملز جا پلانٽ 700 ايڪڙن تي قائم آهن، پراڻي اسٽيل ملز کي بحالي ڪندا يا ان جي جاءِ تي نئون پلانٽ لڳائيندا، اسٽيل ملز جي خالي زمين تي چائنيز جي مدد سان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪندا. سنڌ ڪابينا جي سب ڪميٽي جي سفارش تي اوٻاوڙي لاءِ 228 پرائمري استادن جون جايون ٺاهڻ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ 178 ميل ۽ 50 فيميل لاءِ آهن. ڪابينا سنڌ ڪائونسل فار هوم بيسڊ روڪرز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، اها ڪائونسل گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن جي ڪائونسل ميپنگ ڪندي. سنڌ ڪابينا ڪراچيءَ ۾ 50 اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جي معاهدي جي به منظوري ڏني، سنڌ حڪومت انهن بسن جو ڪرايو ڏيندي رهندي، اٺن ورهين لاءِ اهي بسون سنڌ حڪومت جي ملڪيت هونديون…….  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
16%
0.6m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون