- Advertisement -
پاڪستان جو ٻيو جديد ڪميونيڪشن سيٽلائٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون ڪاميابيءَ سان لانچ ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جو جديد ڪميونيڪشن سيٽلائٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون چين جي شيچانگ سيٽلائٽ لانچنگ سينٽر تان خلا ۾ روانو ڪيو ويو.
سيٽلائٽ اسپارڪو ۽ چائنيز ايرو اسپيس انڊسٽري جي گڏيل ڀائيواري سان ٺاهيو ويو آهي، پنج ٽن وزني سيٽلائيٽ جديد ترين مواصلاتي اوزارن سان ليس آهي.
اسپارڪو جي ترجمان موجب سيٽلائٽ زمين کان 36 هزار ڪلوميٽر جي اونچائيءَ تي خلا ۾ داخل ڪيو ويندو، سيٽلائٽ کي زمين کان خلا تائين پهچڻ ۾ ٽن کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
سيٽلائٽ اي ڪامرس، ايِ گورننس ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پاڪ سيٽ ايم ايم ون پندرهن ورهين تائين ڪم ڪندو، ان سان پاڪستان ۾ ٽي وي نشريات، موبائل فون سروس ۽ براڊبينڊ سروس بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پاڪ سيٽ ون ايم ايم هلندڙ سال آگسٽ ۾ سروس فراهم ڪرڻ شروع ڪندو.
مواصلاتي نظام سموري پاڪستان کي ڪوريج فراهم ڪندي ڪي ايَ بينڊ 10 گيگا بائٽس في سيڪنڊ صلاحيت وارو آهي.
هن وقت پاڪستان جا ٻه ڪميونيڪيشن سيٽلائٽس خلا ۾ موجود آهن، پاڪ سيٽ ون آر 2011ع ۾ لانچ ڪيو ويو هو، ان جي ڊزائ لائف 15 سال هئي، جيڪا 2026ع ۾ مڪمل ٿي ويندي، پاڪستان جو هڪ ٻيو ريموٽ سينسنگ سيٽلائٽ به خلا ۾ موجود آهي، پي آر ايس ايس ون 2018ع ۾ لانچ ڪيو ويو هو- Advertisement -
