صدر مملڪت آصف علي زرداري عوامي جمهوريه چين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو.
صدر آصف علي زرداري چين جي سفير زي دونگ سان ملاقات ڪئي.
صدر مملڪت آصف علي زرداري ست آڪٽوبر تي دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي شهادت تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.
صدر مملڪت آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته چين جي حڪومت ۽ عوام جو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي.
هن چيو ته دشمن عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروايون پاڪ چين جي دوستي کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.
