- Advertisement -
سنڌ ۾ ميٽرڪ جي امتحانن دوران ڪاپي جي ڌم برقرار آهي جڏهن ته امتحاني سينٽرن تي قلم 144 لاڳو ٿيڻ باوجود ڪاپي ختم نه ٿي سگهي، ڪيترن ئي سينٽرن تي بجلي بند هئڻ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.
ميرپورخاص تعليمي بورڊ جي نائين ڪلاس جي پيپرن دوران مختلف امتحاني مرڪزن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي.
اميدوار موبائل فون ذريعي ڪاپي ڪندا رھيا جڏهن ته مقرر عملو، اميدوارن جا دوست ۽ والدين ڪاپي ڪرائيندا رهيا.
مختلف امتحاني سينٽرن تي خانگي اسڪولن جا استاد مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي پنھنجي اسڪولن جي شاگردن کي ڪاپي ڪرائڻ ۾ رڌل رهيا.
تعليمي بورڊ جي چيئرمين ذوالفقار شاھه، سيڪريٽري انيس الدين صديقي سان گڏ مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري عملي کي ڪاپي روڪڻ لاءِ ھدايتون ڏنيون ۽ خانگي اسڪول جي 8 شاگردن تي ڪاپي ڪيس ڪيا ويا.
تعليمي بورڊ جي چيئرمين سيد ذوالفقار شاھه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ڪاپي ھڪ پراڻو ناسور آھي جنھن کي روڪڻ لاءِ وقت لڳندو جڏھن ت ڪاپي روڪڻ لاءِ والدين ، استادن ۽ بورڊ عملي کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
جيڪب آباد ۾ ميٽرڪ جي امتحان دوران بوائز ۽ گرلس امتحاني سينٽرن اندر موبائل فون تي ڪاپي جي ڌم رهي.
نائين ڪلاس جي انگريزي جي پيپر ۾ شاگردن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪاپي ڪرڻ ۾ رڌل رهيا جڏهن ته تعليم کاتو ڪاپي تي ضابطو نه آڻي سگهيو.
نئون ڪوٽ جي امتحاني سينٽر ۾ ڪاپي جي ڌم رهي جڏهن ته استاد ۽ والدين شاگردن توڙي شاگردياڻين کي ڪاپي ڪرائڻ ۾ رڌل رهيا.
امتحاني سينٽر تي ڪوريج لاءِ پهتل صحافين تي انٽرل نل ڏمرجي پيو، جڏهن ته صحافين کان موبائل فون کسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.- Advertisement -
