پاڪستان پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪلي نئين تاريخ لکي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان پهريون سيٽلائيٽ مشن چنڊ تي موڪلي نئين تاريخ لکي ڇڏي، مشن ڇهن مهينن تائين چنڊ جي چوڌاري چڪر ڪاٽيندو، پاڪستان چنڊ تي مشن موڪليندڙ  ڇهون ملڪ بڻجي ويو، ڊاڪٽر خرم خورشيد جو چوڻ آهي ته سيٽلائيٽ جي مدد سان چنڊ جي سطح جون مختصر تصويرون حاصل ڪيون وينديون، سيٽلائيٽ ذريعي 8 مئي کان تصويرون ملڻ جو امڪان آهي. پاڪستان جو پهريون سيٽلائيٽ مشن “ آءِ ڪيوب ڪيو” چين جي هينان اسپيس لانچ سائيٽ تان 12 لڳي 50 منٽن تي روانو ٿيڻو هو، موسم جي خرابي سبب 2 لڳي 18 منٽن تي روانو ڪيو ويو. پاڪستان چنڊ جي مدار ۾ سيٽلائيٽ اماڻيندڙ ڇهون ملڪ بڻجي ويو. آءِ ڪيوب ڪيو کي آءِ ايس ٽي، چين ۽ قومي خلائي ايجنسي سپارڪو کي ڀائيواري سان تيار ڪيو ويو. آءِ ڪيوب قمر جي ڪامياب سفر جي شروعات 2022ع ۾ ٿي ۽ لڳ ڀڳ ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويو. سيٽلائيٽ جي تياري ۾ مختلف شعبن جا شاگرد به شامل رهيا. آءِ ڪيوب ڪيو تي چنڊ جي سطح جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ 2 آپٽيڪل ڪيمرائون لڳل آهن. آءِ ڪيوب ڪيو سيٽ ۾ 12 وولٽ جي بيٽري ۽ 2 سولر پينلز به لڳايا ويا. آءِ ڪيوب ڪيو جي حرڪت کي ٽن ايڪسز ذريعي ڪنٽرول ڪري سگهبو. آءِ ڪيوب ۾ ڪميونيڪيشن لاءِ نظام به لڳايو ويو، ڊيٽا ٽرانسفر ريٽ هڪ ڪلو بائٽ في سيڪنڊ هوندو. پاڪستان وٽ پهريون ڀيرو تحقيق لاءِ پنهنجي سيٽلائيٽ سان ورتل چنڊ جون تصويرون هونديون. سيٽلائيٽ جي ڪامياب آزمائش بعد آءِ ڪيوب ڪيو کي چينگ اي 6 مشن سان ڳنڍيو ويو. ڊاڪٽر خرم خورشيد جو چوڻ آهي ته سيٽلائيٽ جي مدد سان چنڊ جي سطح جون مختصر تصويرون حاصل ڪيون وينديون، سيٽلائيٽ ذريعي 8 مئي کان تصويرون ملڻ جو امڪان آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
67%
1.3m/s
78%
اڱارو
16 °
اربع
24 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون