تازه ترين

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا ساليانا امتحان شروع، قلم 144 لاڳو، ڪاپيءَ جي ڌم

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا ساليانا امتحان شروع ٿي ويا آهن، قلم 144 لاڳو ٿيڻ باوجود ڪاپي جي ڌم برقرار آهي.

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پيپر جاري آهن.

ڪراچي ۾ ٽِي لک 65 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون نائين ۽ ڏهين جو امتحان ڏئي رهيا آهن.

ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 505 امتحاني مرڪز آهن، تعليم کاتي جي 50 آفيسرن تي ٻڌل ويجيلنس ٽيمون جوڙيو ويون آهن، جيڪي امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري رهيو آهن.

پابندي باوجود ڪاپي تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.

سکر ڊويزن ۾ 200 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، هڪ لک کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحان ۾ ڏئي رهيا آهن.

لاڙڪاڻي ۾ 47 امتحاني سينٽر قائم ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، سينٽر ۾ موبائيل فون کڻي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

شهيد بينظير آباد ۾ 157 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، ڊويزن ۾ 97 هزار اميدوار امتحان ۾ حصو وٺي  رهيا آهن.

خيرپور جي گرلس هاءِ اسڪول لقمان ۾ بجلي بند هجڻ سبب شاگردياڻيون سخت گرمي ۾ پيپر ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن.

ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ پيپر واٽس ايپ تي آئوٽ ٿي ويو.

ميرپورخاص ضلعي ۾ قائم امتحاني سينٽرن تي ڪاپيءَ جي ڌم متل آهي.

ضلعي ۾ امتحاني سينٽرن ويجهو قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

ميرپورخاص ضلعي ۾ شاگردن لاءِ 13، شاگردياڻين لاءِ 9 ۽ گڏيل طور 13 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.

ميرپور خاص، ٿر پارڪر ۽ عمر ڪوٽ ۾ 62 هزار862 شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحان ڏئي رهيا آهن .

امتحاني مرڪزن ۾ موبائيل فون آڻڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

تعليمي بورڊ پاران  12 ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي مختلف سينٽرن جا دورا ڪري رهيون آهن.

شهداد ڪوٽ ۾ نائين ڏهين جي امتحان لاءِ 5 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، ڪاپي جي روڪٿام لاءِ 25 ٽيمون جوڙيو ويو آهن.

موري ۾ امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي جي ڌم متل آهي، شاگرد  واٽس ايپ ذريعي ڪاپي ۾ رڌل آهن.

ڪنري ۾ نائين ۽ ڏهين جي درجي جي پيپر دوران ڪاپي جي ڌم متل آهي، شاگرد موبائي ذريعي ڪاپي ۾ رڌل آهن.

ساماري ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا 938 شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحان ڏئي رهيا آهن.

پريالوءِ ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان شروع ٿي ويا آهن، لوڊشيڊنگ سبب شاگرد ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن.

ڍوري ناري ۾ هڪ هزار 20 شاگرد ۽ شاگردياڻيون نائين ۽ ڏهين جو امتحان ڏئي رهيا آهن.

اسلام ڪوٽ جي  شاهه لطيف اسڪول ۾ قائم امتحاني سينٽر ۾ استاد شاگردن کي ڪاپي ڪرائڻ ۾ رڌل آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
16 %
2.4kmh
3 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون