تازه ترين

وڏي وزير مرادعلي شاهه جي صدارت هيٺ اڄ سنڌ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا  ٿيڻ جا امڪان

وڏي وزير مرادعلي شاهه جي صدارت هيٺ اڄ سنڌ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا  ٿيڻ جا امڪان آهن.

اجلاس ۾ صوبائي وزير، ڪور ڪمانڊر، ڊي جي رينجرز، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا عملدار  شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ گذريل ڏينهن صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي حڪمت عملي جوڙي ويندي.

ايپڪس ڪميٽي اڄ اهم منظوري به ڏيندي، اهم فيصلن کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا گڏيل حڪمت عملي تحت قدم کڻندا.

ٽارگيٽيڊ آپريشن جي حوالي سان سنڌ حڪومت اسٽيڪ هولڊرز کي به اعتماد ۾ وٺندي، پراسيڪيوشن، جاچ لاءِ قانونن ۾ ترميمون ڪيون وينديون.

اجلاس ۾ ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل تعمير ڪندڙ پورهيتن جي سڪيورٽي جي منظوري به ڏني ويندي.

ڪچي ۾ رينجرز کي گهربل وڌيڪ اختيار ڏيڻ واري مطالبي بابت  پڻ فيصلو ڪيو ويندو……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
14 %
2.4kmh
6 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون