- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھه چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڪلين سوئيپ ڪندي، ڪٿي به ڪنھن به پارٽي سان مقابلو نه ٿيندو .
پني عاقل ۾ نعمان اسلام شيخ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد ناصر حسين شاھه چيو ته گذريل اليڪشن ۾ جيڪي سيٽون پيپلزپارٽي هارايون هيون، اهي سيٽون به هن ڀيري کٽي ويندي.
سندس چوڻ هو ته گهوٽڪي ۽ شڪارپور ضلعن ۾ پيپلزپارٽي 2018ع ۾ ڪجھه سيٽون هارايون هيون، علي گوهر مهر ۽ غوث بخش خان مهر جي پ پ ۾ شموليت سان اهي سيٽون به ھن ڀيري پيپلزپارٽي جي کٽي ويندي.
پ پ اڳواڻ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ پيپلز پارٽي جي سٺي پوزيشن آھي، وفاق ۾ حڪومت پيپلز پارٽي ٺاهيندي .
هن وڌيڪ چيو ته غريب عوام کي 300 يونٽ تائين مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي، صحت جا پروگرام ۽ هاري ڪارڊ شروع ڪري ٻارن جي تعليم سميت بيروزگارن کي وظيفا ڏنا ويندا.
سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ ۾ گئس جي بحران سميت ٻيا مسئلا پيپلز پارٽي حل ڪندي، سنڌ جي وڏ وزارت جو فيصلو به پيپلزپارٽي جي قيادت ڪندي هو هڪ هڪ ننڍو ڪارڪن آهي، پارٽي ۾ ٻيا سينيئر سياستدان موجود آهن ………- Advertisement -
