ڪراچي ڪلينٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرز جي خالي زمين تي گهڻ ماڙ ۽ عاليشان عمارتون ٺهن ته جيئن شهر جي خوبصورتي ۾ واڌ ٿئي: مقبول باقر

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته هو چاهين ٿا ته ڪراچي ڪلينٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرز جي خالي زمين تي گهڻ ماڙ ۽ عاليشان عمارتون ٺهن ته جيئن شهر جي خوبصورتي ۾ واڌ ٿئي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ وفاقي سيڪريٽري هائوسنگ جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ قائم پراڻن ڪوارٽرز، ڪراچي ڪلينٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرز جي خالي زمين تي گهڻ ماڙ ۽ عاليشان عمارتون ٺاهڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل مڱڻيجو، سيڪريٽري بلديات منظور شيخ، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران وڏي وزير چيو ته ڪراچي ڪلينٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرز جي خالي زمين تي وفاقي حڪومت جا ملازم رهندا هئا، گادي وارو هنڌ اسلام آباد منتقل ٿيڻ بعد به ماڻهو انهن ئي ڪوارٽرز ۾ رهندا پيا اچن. هن چيو ته هو چاهين ٿا ته ڪراچي ڪلينٽن ۽ جهانگير ڪوارٽرز جي خالي زمين تي گهڻ ماڙ ۽ عاليشان عمارتون ٺهن ته جيئن شهر جي خوبصورتي ۾ واڌ ٿئي. وفاقي سيڪريٽري هائوسنگ چيو ته وفاقي حڪومت به انهن ڪوارٽرز جي جاءِ تي نيون ۽ گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهڻ چاهي ٿي، سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو ڪوارٽرز پراجيڪٽس تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته جلد ئي ان پراجيڪٽس تي صحيح ڪئي ويندي ….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
65%
1.3m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون