تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ ۾ ڪيل ڪم ڪافي ناهي، صوبي جي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪندا: مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪيل ڪم ڪافي ناهي، صوبي جي ترقي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪندا، پيپلز پارٽي عام چونڊن ۾ 117 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي، ماڻهو پ پ جي ڪارڪردگي مان تمام گهڻو خوش آهن، جمهوريت بهترين انتقام آهي جيڪو پ پ ڪري ڏيکاريو، آصف علي زرداري جو ٻيهر صدر ٿيڻ جمهوريت جو انتقام آهي، ڊڪٽيٽرن کي زبردستي نيڪالي ملندي آهي ۽ ملڪ کان ٻاهر هليا ويندا آهن، اليڪشن ڪميشن پنجاب بدران رڳو سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن تي پابندي لڳائي، نئين مالي سال ۾ پنجاب کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪندا. سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته قومي ۽ صوبائي اسمبيلين جا اجلاس ٿي رهيا آهن، پيپلزپارٽي وٽ هن وقت 117 سيٽون آهن، ايتريون ڪڏهن به ناهن کنيون، کين اڃا وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته شهيد بينظير ڀٽو جي والد جو هڪ آمر ۽ ظالم عدالتي قتل ڪيو، پنهنجي ملڪ جي سربراهي ڪندي آمريڪي ڪانگريس ۾ تقرير ڪئي، شهيد راڻي جمهوريت جي ڳالهه ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن هتي تقريرون ڪيون، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو هو ته اوهان کان جيڪڏهن عوام خوش آهي ته هو به خوش ٿيندا. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي دهشتگردن شهيد ڪري ڇڏيو، بينظير ڀٽو جي شهادت تي به اهو ئي چيو ويو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آصف علي زرداري جو ٻيهر صدر ٿيڻ جمهوريت جو انتقام آهي، ڪيترن ئي ڊڪٽيٽرن کي ڪڍيو ويندو آهي، ڪجهه ڊڪٽيٽر ملڪ ڇڏي ويندا آهن. مراد علي شاهه چيو ته بجيٽ تقرير بيان ڪرڻ تي ڪيترن ئي ماڻهن کي اعتراض هوندو آهي، ڪجهه دوستن چيو پري بجيٽ تي بحث ٿي وڃي ها ته بهتر ٿي وڃي ها، بجيٽ ٺاهڻي هوندي آهي، ڪم به ڪرڻو هوندو آهي، مئي ۾ بجيٽ تي وڃڻ ۽ بحث ڪرڻ سان ڇا ٿيندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي پنهنجي قيادت جي اصولن موجب هلي رهي آهي، کين سينيٽ جون ٻه چونڊون ڪرائڻيون هيون، اهو سڀ ڪجهه مارچ مهيني ۾ ٿيو، هنن چيو ته ڪا نئين اسڪيم نه آڻيندا، بجيٽ تي بحث نه ڪري سگهيا۽ ٻيا سبب به هئا. مراد علي شاهه چيو ته سندن ترقياتي بجيٽ 959 ارب آهي، سندن مخالف به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ساراهه ڪندي نه ٿا ٿڪجن، مخالف چون ٿا ته کين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سيکاريو، دوست ۽ مخالف ٻئي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ساراهيندا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پنجاب وڏو صوبو آهي، اتان جي بجيٽ سندن کان ٻيڻي آهي، هر سال بجيٽ تي بحث ٿيندو آهي، هن سال نه ڪري سگهيا، سندن ڪابينا 12 مارچ تي ٺهي هئي، پري بجيٽ تي بحث ڪرائڻ ممڪن نه هو، بجيٽ تي بحث نه ٿيڻ جو سبب سينيٽ چونڊون به هيون. مراد علي شاهه چيو ته پنجاب جي بجيٽ سنڌ کان ٻيڻي آهي، ان باوجود پنجاب جي ترقياتي بجيٽ 842 ارب، خيبرپختونخوا جي ترقياتي بجيٽ 416 ارب رپيا ۽ بلوچستان جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 320 ارب رپيا آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نگران حڪومت سنڌ جون اسڪيمون بند ڪيون پر پنجاب ۾ ڪم جاري رهيو، پنجاب ۾ نگران حڪومت جو ڊگهو عرصو هو، اهي ڪم ڪندا رهيا، ڪنهن صوبائي حڪومت ڪٿي ايئرپورٽ ٺاهي؟، گذريل پنجن سالن ۾ ٿرپارڪر ۾ ايئرپورٽ ٺاهي. مراد علي شاهه چيو ته ٿر ۾ عورتن کي بااختيار بڻايو، اسپتال ۽ اسڪول ٺاهيا، هاڻي پنڪ بس سروس به سندن عورتون هلائينديون، ٿر ۾ ٽرڪ ڊرائيور مقامي عورتون آهن، ٿر ۾ هلندڙ ٽرڪون عام ناهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو پهريون ڀيرو 2004 يا 2005 ۾ ٿر ويو هو، مٺي پهچڻ تائين 6 ڪلاڪ لڳي ويا هئا، هاڻي ٽي ڪلاڪ لڳندا، ٿر جون عورتون آر او پلانٽ هلائين ٿيون، سٽيزن فائونڊيشن جي سهڪار سان ٿر ۾ اسپتال ۽ اسڪول ٺاهيا آهن، ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان ڪلينڪ کوليا آهن، ٿر ۾ 750 لک وڻ پوکيا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته جيڪي چوندا هئا سنڌ حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو، کين ڏيکاري رهيو آهيان، اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ ترقياتي اسڪيمون بند نه ڪيون، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سنڌ جون اسڪيمون بند نه ڪري ها ته ترقياتي بجيٽ 530 ارب بدران 580 ٿي سگهي ها، هو 2023 ۽ 24 ۾ سموريون اسڪيمون منظور ڪري ويا هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ نگران حڪومت گهڻو وقت رهي، ترقياتي خرچ ڪندا رهيا، 23-2018ع دوران ٿر ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا، ايندڙ مالي سال ۾ پنجاب کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرائيندا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون