سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پابندي اڻ اعلانيل ناهي، قومي سلامتي سبب ايڪس تي پابندي مڙهي وئي آهي، اظهار جي آزادي کي روڪڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.
وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته ايڪس تي پابندي جو مسئلو ڪمپلائنس جو آهي، عليحدگي پسند ۽ دهشتگرد گروپ ايڪس پليٽ فارم کي ملڪ خلاف استعمال ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته دهشتگرد سوشل ميڊيا تي دهشتگردي جي سرگرمين جي لائيو ڪوريج هلائيندا آهن، ايڪس تي پابندي جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي، گهرو وزارت پنهنجو جواب جمع ڪرايو آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد گروپن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
عطا تارڙ چيو ته دهشتگرد لاش ڪيرائڻ، معصوم شهرين جو رت وهائڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن.
وفاقي وزير چيو ته ويب مينيجمينٽ سسٽم تحت سائبر ۽ ڊيٽا سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي، ڊجيٽل رائٽس پروٽيڪشن اٿارٽي جهڙو فورم موجود هجڻ گهرجي، جتي عوام پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهي.
