تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

سيد مراد علي شاهه ايف بي آر مان رقم جي منتقلي ۾ دير تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايف بي آر مان رقم جي منتقلي ۾ دير تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ايف بي آر جي اوڳاڙي تي سنڌ حڪومت کي خدشا آهن، گذريل سال 80 ارب رپين جي رقم اوڳاڙي وئي جيڪا هن سال ادا ڪئي وئي آهي، وقت تي جمع ٿيندڙ رقم جي درست وقت تي منتقل نه ٿيندي آهي، وفاقي سرڪار کان درخواست آهي ته رقم وقت تي منتقل ٿيڻ گهرجي، جعلي ڊوميسائلن معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، غلطي ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ايف بي آر جي اوڳاڙي تي سنڌ حڪومت کي خدشا آهن، گذريل سال 80 ارب رپين جي رقم اوڳاڙي وئي جيڪا هن سال ادا ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته سندن شڪايت آهي ته جيڪا رقم وقت تي جمع ٿيندي آهي، ان کي وقت تي منتقل ناهي ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته  وفاقي سرڪار کي درخواست آهي ته رقم وقت تي منتقل ٿيڻ گهرجي، جعلي ڊوميسائلن معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، غلطي ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو. ان کان اڳ پاڪستان ليڊرشپ ڪنورسيشن 2025ع جي تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي ڌرتي قديم تاريخ، وسيع ثقافتن ۽ بي پناهه صلاحيتن سان مالامال آهي، هو انهن چئلينجن کي نظر انداز نٿا ڪري سگهن جيڪي سندن ترقي ۾ رنڊڪ آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، کين انهن رنڊڪن کي مڃڻ گهرجي جنهن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ رنڊڪن کي ختم ڪرڻ سندن مشن آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سماجي ۽ اقتصادي اڻبرابري سندن ماڻهن کي متاثر ڪري رهي آهي، گهٽ تعليم، خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻارڙن جو موت ڳڻتي جو سبب آهن، جن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته قدرتي آفتن ۽ معاشي عدم استحڪام سبب اهي چئلينجز وڌي ويا آهن، پاڻي جي کوٽ هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن سان زرعي معيشيت متاثر ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته غير موثر زرعي پاڻي جي استعمال سان وڏي پيماني تي نقصان ٿيندا آهن، معياري تعليم تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تنظيمن سان سنڌ سرڪار جي ڀائيواري آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ تعليم جو اهم ڪردار آهي، سنڌ جي هر ٻار کي سکڻ ۽ وڌڻ جا موقعا فراهم ڪن پيا، ٻارڙن جي فوتگين کي گهٽائڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ جو مقابلو ڪرڻ سنڌ سرڪار جي ترجيح آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صحت جي سار سنڀال جي بنيادي اسٽرڪچر ۽ خدمتن ۾ سيڙپڪاري جاري رکي ويندي، سنڌ واٽر اينڊ ايگريلچر ٽرانسفارميشن پراجيڪٽ اهم قدم آهي، پاڻي رڳو سندن ضرورت ناهي پر آبادگارن جي بقا جو معاملو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي، جتي جديد ٽرانسپورٽيشن ضروري آهي، هنن صاف سٿري پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم طرف هڪ تاريخي قدم کنيو آهي، ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي تبديل ڪرڻ لاءِ 500 اليڪٽرڪ بسون هلايون آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نئين سفري سهولت ٽريفڪ جو دٻاءُ ۽ شهري هوائي گدلاڻ کي گهٽ ڪيو آهي، 8 هزار اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جي جامع منصوبي جي شروعات ڪري رهيا آهن، ٽن مرحلن ۾ ماس ٽرانزٽ سسٽم لاءِ 8 هزار اليڪٽرڪ بسون شامل ڪندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته سي پيڪ ٽو سنڌ لاءِ اقتصادي ترقي جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي، سي پيڪ جي نئين منصوبي ۾ صنعتڪاري ۽ زرعي ترقي تي ڌيان آهي، بنيادي اسٽرڪچر جي ترقي ۽ توانائي جو بحران سندن ترقي ۾ رنڊڪ آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون