سينيئر صوبائي وزير  شرجيل ميمڻ منشيات خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروائي جي هدايت ڪئي

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير  شرجيل ميمڻ منشيات خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز عاطف الرحمان، ڊي جي ايڪسائيز اورنگزيب پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سينيئر صوبائي ڪرسٽل، هيروئن، آئس، چرس، ڪچي شراب سميت هر قسم جي منشيات فوري طور بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته ايڪسائيز کاتو سنڌ حڪومت جي هدايتن ۽ هدفن موجب ٽيڪسز جي وصولي يقيني بڻائي. شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت ايڪسائيز کي جيڪي حدف ڏنا آهن، اهي حاصل ڪرڻا پوندا، آفيسر روزانو جي بنياد تي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪن. سينيئر صوبائي وزير چيو ته ايڪسائيز جا لاڳاپيل ڊائريڪٽر پاڻ فيلڊ ۾ وڃي ۽ حدف جي حاصلات يقيني بڻائن، جيڪو به ملازمن بنا ورديءَ ڪم ڪندو ان خلاف به ڪارروائي ٿيندي، سٺي ساک وارن آفيسرن  کي همٿايو ويندو. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪچي شراب سان انساني نقصان جي صورت ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ٽيڪس وصولي يقيني بڻائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون