- Advertisement -
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي سنڌ ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
حيدرآباد ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس پاران ٻن ڌارڌار ڪاررواين دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ شراب هٿ ڪيو ويو.
ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽڪس عملدار جو چوڻ آهي ته ڪاررواين دوران جوابدار غلام مصطفيٰ ۽ عابد اقبال شيخ کي گرفتار ڪيو ويو.
ڄامشوري ۾ پوليس ڪارروائي دوران 6 منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته چئن ڏينهن ۾ مختلف ڪاررواين دوران 34 منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪيويو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن تي ڄامشورو، سيوهڻ، ڀان سيد آباد، ماهي اوٺو ۽ ٻين ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان نشي آور سپاريون، ڪچو شراب، گٽڪو، مين پڙي هٿ ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن ٽنڊوالهيار ۾ ٽاسڪ فورس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪندي هڪ اشتهاري سميت 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، گوليون، چرس، ڪچو شراب ۽ ٻي منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن مٿان الڳ الڳ ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا.
ٻي پاسي عثمان شاهه هڙي ۾ به پوليس پاران منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
عمرساند، ڊاسوڙي، پيارو لنڊ، مشائخ مسڻ ۽ سلطان آباد ٿاڻن جي پوليس ڪارروايون ڪندي 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هدايتن کانپوءِ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جي حڪم تي ڪارروايون ڪيون ويون…..- Advertisement -
