- Advertisement -
فٽيجز….
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سينيٽر تاج حيدر پل ڪراچيءَ جي شهرين لاءِ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جو هڪ عظيم منصوبو آهي، پل ييلو لائن بي آر ٽي جو حصو آهي، جيڪو گهٽ عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سينيٽر تاج حيدر پل سان گڏ هڪ ٻي پل به تعمير ڪئي پئي وڃي جنهن کانپوءِ 8 لائنون مڪمل ٿي وينديون.
سندس چوڻ هو ته سينيٽر تاج حيدر پل تي موٽرسائيڪل سوارن لاءِ ڌار ٽريڪ ٺاهيو ويو آهي ته جيئن هو محفوظ طريقي سان سفر ڪري سگهن ۽ ٽريفڪ ۾ رنڊڪ نه هجي.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته پ پ جي سنڌ حڪومت هن وقت بي آر ٽي جي مختلف منصوبن تي ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي، هي منصوبو ڪورنگي سميت ٻين علائقن جي شهرين لاءِ هڪ وڏي سهولت ثابت ٿيندو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سندن عزم آهي ته ڪراچي ۾ اسٽيٽ آف در آرٽ ٽرانسپورٽ ۽ جديد روڊن جو نظام فراهم ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي پيش ايندڙ ٽريفڪ مسئلا گهٽ ٿين.
هن چيو ته سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ شهر جي ڪنيڪٽيوٽي بهتر بڻائڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن شهري گهٽ خرچ ۾ ايئر ڪنڊيشن بسن ذريعي سڪون وارو سفر ڪري سگهن.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ييلو لائن منصوبي تحت اِي وي بسون متعارف ڪرايون پيون وڃن، جن ذريعي ماحولياتي بهتري ۽ سفري سهولتن ۾ نمايان اضافو ٿيندو…….- Advertisement -
