- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي 12 جون تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خالي ٿيل مڪاني ادارن جي سيٽن تي ننڍي چونڊ لاءِ پارٽي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نثار کهڙي اعلان ڪندي چيو ته ضلعي ڪائونسل سانگهڙ جي چيئرمين لاءِ سيد رياض علي شاهه ۽ ضلعي ڪائونسل شڪارپور جي وائيس چيئرمين لاءِ ڪامران خان مهر پيپلزپارٽي جا اميدوار هوندا.
هن چيو ته ميونسپل ڪميٽي جيڪب آباد جي وائيس چيئرمين لاءِ علي رضا لاشاري، ٽائون ڪميٽي ڀريا سٽي جي چيئرمين لاءِ سيد نور محمد شاهه ۽ ٽائون ڪميٽي ٺاروشاهه جي چيئرمين لاءِ علي عالماڻي بلوچ پ پ جا اميدوار هوندا.
نثار کهڙي موجب ٽائون ڪميٽي دريا خان مري جي وائيس چيئرمين لاءِ عبدالخالق خاصخيلي، ٽائون ڪميٽي دولتپور صفن جي وائيس چيئرمين لاءِ غلام حسين لانگاهه ۽ سعيد آباد ٽائون جي وائيس چيئرمين لاءِ رضوان ملڪ پ پ اميدوارطور چونڊ وڙهندا.
نثار کهڙي جي اعلان موجب ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد ٽالپر جي وائيس چيئرمين لاءِ نياز احمد پيپلزپارٽي جو اميدوار هوندو.
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي جي ترجمان موجب پارٽي قيادت جي منظوري سان خالي پيل مڪاني ادارن جي سيٽن تي ڄاڻايل پارٽي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب مڪاني ادارن جي خالي سيٽن تي چونڊ وڙهڻ لاءِ سمورن پارٽي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن.- Advertisement -
