سينيٽ جي 19 سيٽن تي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهندي، جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جي درخواست تي سينيٽ جي چونڊ ملتوي ڪئي وئي.
سينيٽ چونڊن جي پولنگ لاءِ قومي اسيمبلي جي هال کي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جتي اليڪشن ڪميشن جو عملو پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي
سينيٽ جي 19 سيٽن لاءِ 35 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته 18 اميدوار بنا مقابلي چونڊجي چڪا آهن.
اسلام آباد جي هڪ جنرل ۽ هڪ ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي پولنگ جاري آهي.
پنجاب جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻه ٽيڪنو ڪريٽ، هڪ عالم ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي به ووٽنگ ٿي رهي آهي.
سنڌ جي ستن جنرل، ٻن عورتن، ٻه ٽيڪنوڪريٽ ۽ هڪ اقليتي سيٽ تي پولنگ جاري آهي.
خيبرپختونخواهه ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جي درخواست تي سينيٽ جي چونڊ ملتوي ڪئي وئي.
خيبرپختونخواهه اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي احمد ڪريم ڪنڊي پاران صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسان جي 25 ميمبرن اڃا تائين قسم ناهي کڻايو ويو، جنهن ڪري سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪئي وڃي.
بلوچستان جي ستن جنرل، ٻن عورتن ۽ ٻن ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن.
سينيٽ جي 30 خالي سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري، 59 اميدوار ميدان تي لٿل
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


