- Advertisement -
سينيٽ پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي فورسز خلاف ناڪاري ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪندڙن کي سخت سزا ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي بل پيش ڪيا ويا، پ پ سينيٽر بهره مند تنگي پاڪ فوج جي حق ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي اتفاقِ راءِ سان منظور ڪيو ويو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ملڪي سرحدن جي تحفظ ۾ هٿياربند فوج ۽ ايجنسين جون وڏيون قربانيون آهن، فوج ۽ سڪيورٽي فورسز خلاف ناڪاري ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.
منظور ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو هت دشمن پاڙيسيري هوندي مضبوط فوج ۽ سڪيورٽي ايجنسي اڻٽر آهن، سوشل ميڊيا پيلٽ فارم تي پاڪ فوج خلاف بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سينيٽ جو ايوان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته فوج خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي…- Advertisement -
