تازه ترين

سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙيَ خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيو

- Advertisement -
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ، پي ٽي آءِ سينيٽر سيف الله ابڙيَ خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. سينيٽ چيئرمين اليڪشن ڪميشن کي موڪليل ريفرنس ۾ چيو ته نيب ريفرنس ٻڌڻي هيٺ هوندي سيف الله ابڙو ٽيڪنوڪريٽ سيٽ لاءِ گهربل قانوني گهرجن تي پورو نه ٿو لهي. ريفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪفالت هيٺ ماڻهن، زرعي آمدني ۽ اثاثن بابت قسم نامي ۾ فراهم ڪيل ڄاڻ گمراهه ڪندڙ  آهي، نامزدگي ڪاغذن سان جمع ڪرايل  ويلٿ اسٽيٽمينٽ ۾ سيف الله ابڙيَ پنهنجن ٻارن جي ملڪيت واري زرعي ايراضي لڪائي. ريفرنس ۾ چيو ويو ته سيف الله ابڙي پنهنجي ٽيڪس تفصيلن ۾ اصل زرعي زمين کي لڪايو ۽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان اڳ غير واضح رسيدون جمع ڪرايون. سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙن الزامن جو ثابت ٿيڻ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 63 ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت نااهليءَ برابر ٿي سگهن ٿا. ريفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته سيف الله ابڙيَ جي سينيٽ ميمبرشپ نااهليءَ لاءِ هڪ سوال پيدا ٿي ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون