تازه ترين

پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ آئيني ترميم تي اتفاق ٿي ويو

- Advertisement -
پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ آئيني ترميم تي اتفاق ٿي ويو آهي. ن ليگ جي صدر نوازشريف ۽ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وچ ۾ پنجاب هائوس اسلام آباد  ۾ ملاقات ٿي، جنهن جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي تازي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ن ليگ جي صدر نوازشريف چيو ته وقت ثابت ڪيو ته 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحي ڪرڻ سندن صحيح وقت تي تاريخي فيصلو هو. هن چيو ته ميثاق جمهوريت سان ملڪ ۾ جمهوريت کي استحڪام مليو، پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو. نوازشريف چيو ته ميثاق جمهوريت جي نتيجي ۾ ڌرڻي، ڏڦيڙ ۽ يلغار جي سياسي ڪندڙ غير جمهوري قوتن جو سياسي پارٽين گڏجي مقابلو ڪيو. ن ليگ جي صدر چيو ته سمورين جمهوري قوتن کي گڏجي پارليامينٽ ذريعي عدل جو نظام تيار ڪرڻو آهي. هن چيو ته عدل جو اهڙو نظام ٺاهڻو آهي، جنهن ۾ ڪنهن فرد جي بالادستي نه پر عوام جي راءِ ۽ ادارن جو احترام هجي. نوازشريف چيو ته اهڙو نظام هجي جو ڪو به شخص جمهوريت کي پٽڙيءَ تان نه لاهي سگهي، ائين نه هجڻ گهرجي ته هڪ شخص ملڪ ۽ قوم کي انداهين ڏانهن ڌڪي ڇڏي. ن ليگ جي صدر چيو ته اڄ ملندڙ معاشي ڪاميابين جو بنياد سياسي اتحاد ۽ اتفاق آهي، ميثاق جمهوريت ۾ خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته سموريون قوتون گڏجي ملڪ کي معاشي  ۽ سياسي طور مضبوط ڪنديون. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف  ميثاق جمهوريت جي شڪل ۾ ملڪ کي اڳتي وڌائڻ جو تاريخي قدم کنيو، ان سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نوازشريف چيو ته سياسي ڀائيچاري، اخلاق، آئين، قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ هو سڀ هڪ آهن، ارڙهين ترميم ادارن کي مضبوط ڪيو هو. نوازشريف، بلاول ڀٽو زرداريءَ جي سياسي ڪردار جي واکاڻ ڪندي کيس شاباس ڏني. بلاول جو چوڻ هو ته هو نوازشريف جي سياسي ڪيپيٽل، ويزن، سوچ  ۽ تجربي جو قدر ڪري ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون