تازه ترين

سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جون 2 سيٽون خالي ٿيون آهن: مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جون 2 سيٽون خالي ٿيون آهن، ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ اسلم ابڙي کي سينيٽ سيٽ لاءِ نامزد ڪيو آهي، پ پ اهي ٻئي سيٽون آساني سان کٽي ويندي، 9 مارچ تي صدر جي چونڊ لاءِ اليڪشن ٿيندي، آصف علي زرداري کي اڳواٽ مبارڪ ڏين ٿا. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ پ پ ايم پي ايز اليڪشن ڪميشن پهچي سنڌ مان خالي ٿيل ٻن سيٽن تي پيپلزپارٽي جي 4 اڳواڻن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، سينيٽ جي خالي سيٽن لاءِ ڪاغذ جمع ڪرائيندڙن ۾ پ پ اڳواڻن ۾ اسلم ابڙو، ڄام سيف الله ڌاريجو، وقار مهدي ۽ عاجز ڌامراهه شامل آهن. ترجمان موجب، سنڌ جي خالي ٿيل سينيٽ جي جنرل سيٽن تي اليڪشن 14 مارچ تي ٿيندي، هلندڙ مهيني پ پ جا سنڌ مان وڌيڪ چونڊيل 10 سينيٽر رٽائرڊ ٿي ويندا، رٽائرڊ سينيٽرن جي جاءِ تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندي. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جون 2 سيٽون خالي ٿيون آهن، ڄام سيف الله ڌاريجو ۽ اسلم ابڙي کي سينيٽ سيٽ لاءِ نامزد ڪيو آهي، ٻن اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ 108 ووٽن جي ضرورت آهي سندن وٽ 114 ميمبر آهن، پ پ اهي ٻئي سيٽون آساني سان کٽي ويندي. هن چيو ته صدارتي چونڊن ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪامياب ٿي ويندو، سنڌ ۾ بااختيار مڪاني حڪومت موجود آهي، مرتضيٰ وهاب فعال طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي، مڪمل بااختيار الله جي ذات آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مڪاني ادارن ۾ وڌيڪ ترميم جي ضرورت هوندي ته مسلم ليگ نون نه پر سنڌ اسيمبلي ڪندي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ته مسلم ليگ نون جو ڪوبه اميدوار ناهي، شايد سنڌ جي مڪاني نظام مان متاثر ٿي پنجاب لاءِ معاهدو ڪيو آهي، وڌيڪ بهتري جي ضرورت هوندي ته هو پاڻ ڪندا، ڪنهن معاهدي جي ضرورت ناهي. هن چيو ته پ پ وفاقي ڪابينا جو حصو نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صوبي جي ڪابينا وڏو وزير ٺاهيندو آهي، وڏو وزير پارٽي قيادت سان صلاح مشوري سان ڪابينا جي جوڙجڪ ڪندو آهي، هر حڪومت جو ڪم امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ هوندو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته امن امان صوبائي معاملو آهي، سنڌ ۾ پ پ چيئرمين جي 10 نڪاتي منشور تي ڪم ڪندا، سنڌ جي ماڻهن تمام وڏو مينڊيٽ ڏنو آهي، مهانگائي چئلينج آهي، ٻوڏ پهريان به آئي هئي ڪڏهن گهر ٺهيا هئا؟، مالڪ جو ڪرم آهي گهر ٺاهڻ جو ڪم ڪري ڏيکاريو. مراد علي شاهه چيو ته هر مذهبي ڏڻ تي شيون سستيون هونديون آهن، بدقسمتي سان رمضان ۾ سندن وٽ قيمتون وڌي وينديون آهن، دڪاندار ماڻهن سان زيادتي نه ڪن، حڪومت جي دل وڏي هوندي آهي، پ پ کي به چونڊ نتيجن تي خدشا آهن، جي ڊي اي جو احتجاج سمجهه کان ٻاهر آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جي ڊي اي ڪيترين سيٽن تي بيٺي هئي، افسوس آهي ته جي ڊي اي جا ماڻهو پيرپاڳاري جي ڳالهه ناهن مڃيندا، پير پاڳاري چيو سندن ماڻهو قسم نه کڻندا، جي ڊي اي وارن چونڊ خرچ جا تفصيل جمع ڪرائي نوٽيفاءِ ڪرايو. سندس چوڻ هو ته سڀاڻي وزيراعظم قسم کڻندو، وفاقي حڪومت جو پهريون ڪم معاشي صورتحال کي ڏسڻ آهي، مهانگائي جو ٻوجهه عام ماڻهو تان هٽائڻو آهي، سبسڊي اشرافيه کان واپس ورتي وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ امن لاءِ قائم علي شاهه جي دور ۾ ڪم شروع ٿيو، امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناهي، ڪراچي واٽر امپرومينٽ پراجيڪٽ تي عالمي بينڪ سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، خط تيار آهي وزيراعظم جي قسم کڻڻ جو انتظار آهي. مراد علي شاهه چيو ته  ڪي فور منصوبي لاءِ 16 ارب رپيا رکيا اڃا رڳو چار ارب رپيا آيا آهن، هو وزيراعظم کي پنهنجو واعدو ياد ڏياريندو، ڪراچي کي جن خراب ڪيو سندن کان سوال ڪريو، نالن تي دڪان ڪنهن ٺاهيا
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
26 %
2.9kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون