علي امين گنڊاپور يا ڪنهن به وڏي وزير جي چوڻ تي فوجداري ڪيس ختم نٿا ٿي سگهن: خواجا آصف

- Advertisement -
مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته علي امين گنڊاپور يا ڪنهن به وڏي وزير جي چوڻ تي فوجداري ڪيس ختم نٿا ٿي سگهن، ٿڌي هوا گهلي ٿي ته سڀني کي لڳڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلوچستان بابت خواجا آصف چيو ته بلوچستان ۾ هاڻي رواج تبديل ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان جي عوام جا مسئلا ۽ گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو لازمي حل ٿيڻ گهرجي. مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجا آصف چيو ته ٽيهن چاليهن ورهين کان اقتدار ۾ ويٺل بلوچن کي هاڻي عوام جو به سوچڻ گهرجي، گم ٿيل ماڻهن وارو تمام وڏو مسئلو آهي جنهن کي حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان ۾ اها به رسم آهي ته اتي وڏن ماڻهن پنهنجا ذاتي جيل به ٺاهيا آهن جن ۾ به ماڻهو قيد آهن. مسلم ليگ نون اڳواڻ خواجا آصف چيو ته ٿڌي هوا گهلي رهي آهي ته سڀني کي لڳڻ گهرجي، کيس پارٽي قيادت پارلياماني ليڊر بڻايو آهي ڪابينا ميمبر کان وڌيڪ ان تي خوشي آهي، علي امين گنڊاپور يا ڪنهن به وڏي وزير جي چوڻ تي فوجداري ڪيس ختم نٿا ٿي سگهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
37%
1.8m/s
19%
سُومر
27 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون