- Advertisement -
سي ٽي ڊي حيدرآباد ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
سي ٽي ڊي حيدرآباد ترجمان جو چوڻ ڄامشورو ۾ ڪارروائي دوران دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ عمر فاروق جي نالي سان ٿي سندس تعلق پابندي مڙهيل تنطيم تحريڪ طالبان پاڪستان سان آهي.
ترجمان موجب، گرفتار دهشتگرد پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي (سوات) جو مقامي ڪمانڊر به آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد وٽان هڪ دستي بم هٿ مليو آهي جيڪو ڪراچي کڻي وڃي رهيو هو.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار دهشت گرد سوات ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي دروان به زخمي ٿي چڪو آهي……- Advertisement -
