- Advertisement -
ڪرغزستان مان 205 شاگردن کي کڻي پي آءِ اي جو پهريون جهاز ڪراچي پهچي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ٻين ماڻهن شاگردن جو آڌرڀاءُ ڪيو، جڏهن ته ايئرپورٽ تي شاگردن جي گهرڀاتين جو وڏو انگ به موجود هو.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪرغزستان کان سنڌ جي 205 شاگردن کي واپس آندو ويو آهي، واپس آيلن ۾ 55 شاگردياڻيون ۽ 150 شاگرد شامل آهن، واپسي جو انتظاميا صوبائي حڪومت ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڪرغزستان مان واپس آيل 99 شاگردن جو تعلق ڪراچي سان آهي، سنڌ حڪومت شاگردن جي والدين ۽ ڪرغزستان ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطي ۾ هئي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وڌيڪ 180 شاگرد ڪرغزستان ۾ آهن جن ۾ 6 زخمي به شامل آهن، هو ڪوشس ڪري رهيو آهي ته خاص اڏام اماڻي، جيئن ئي ڪرغزستان جو واقعو ٿيو، کيس پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته شاگردن جي واپسي جو انتظام ڪريو.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، واپس آيل شاگردن ۾ حيدرآباد جا 22، خيرپور جا 13، نوشهروفيروز جا 15، سکر جا 12، نوابشاهه جا 12، بدين جا 5، دادو جا 5، ميرپورخاص جا 5، جيڪب آباد جا 5، ٽنڊي آدم جا 3، ڪشمور جا 2، ڄامشوري، ڪنڌڪوٽ، پني عاقل ۽ ٿرپارڪر جا هڪ هڪ شاگرد شامل آهن.
ڪرغزستان ۾ ڦاٿل شاگردن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ مدد ڪرڻ تي شاگردن وڏي وزير مراد علي شاهه جا ٿورا مڃيا.- Advertisement -
