سپريم ڪورٽ، پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي فل ڪورٽ ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو

spot_img
- Advertisement -

سپريم ڪورٽ، پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي فل ڪورٽ ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ ڪٿي به اسٽي آرڊر  ختم ڪرڻ جو ذڪر ناهي.

پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي فل ڪورٽ جي ٻڌڻيءَ جو ٽن صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪيو ويو.

حڪم نامي ۾ بل تي اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ جو ذڪر ناهي.

لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل اڃا ٻڌڻي هيٺ آهي، چيف جسٽس موجب هو ٻن سينيئر ججن سان بئنچ  جوڙڻ واري معاملي تي صلاح مشورا ڪندو.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙن ۽ اٽارني جنرل جا دليل ٻڌا. جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اٽارني جنرل ٻڌايو ته اهم ڪيس لاءِ ويانا وڃڻو آهي، هن جوابن لاءِ وقت گهريو آهي، ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي ٽي آڪٽوبر تي ٿيندي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.8 ° C
9.8 °
9.8 °
27%
1.8m/s
0%
اربع
10 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون