تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

حماس، ڊونلڊ ٽرمپ جي فلسطينين کي سندن سرزمين کان پري ڪرڻ جي ڪنهن به منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فلسطينين کي سندن سرزمين کان پري ڪرڻ جي ڪنهن به منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه جي پناهگيرن کي مصر ۽ اردن ۾ آباد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ اردن ۽ مصر کي  غزه جي لکين فلسطينين کي پناهه ڏيڻ لاءِ چيو. ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته غزه ۾ سب ڪجهه تباهه ٿي چڪو،عرب ملڪن سان گڏجي الڳ هنڌ رهائشي منصوبو چاهين ٿا، منتقلي عارضي يا مستقل به ٿي سگھي ٿي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ٽرمپ جي بيان تي حماس جواب ۾ چيو ته فلسطينين کي سندن سرزمين کان پري ڪرڻ جي ڪنهن به منصوبي کي رد ڪن ٿا. حماس آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته اهي تجويزون روڪيون وڃن جيڪي صيهوني منصوبن سان مطابقت رکن ٿيون، هو اهڙن سڀني قدمن کي رد ڪن ٿا جيڪي سندن ماڻهن جي حقن ۽ آزادين سان ٽڪراءَ ۾ اچن ٿا. حماس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته فلسطيني عوام نسل ڪشي جي انتهائي اسرائيلي ڪاررواين ۾ ثابت قدم رهيا، فلسطينين صيهوني قابض فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪيو، سندن مطالبو آزاد فلسطين جو قيام آهي جنهن جو راڄڌاني بيت المقدس هجي. ٻئي پاسي اردن به غزه مان فلسطينين جي بي دخلي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
22 %
2.5kmh
96 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون