تازه ترين

سپريم ڪورٽ جسٽس بابر ستار کي آڊيو ليڪس ڪيس ٻڌڻ کان روڪي ڇڏيو

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جسٽس بابر ستار کي آڊيو ليڪس ڪيس ٻڌڻ کان روڪيندي ڪيس ۾ شهرين جي سرويلنس کي غير قانوني قرار ڏيڻ بابت اسلام آباد هائيڪورٽ جا 29 مئي ۽ 25 جون وارا حڪمناما معطل ڪندي بشريٰ بي بي ۽ ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسلام آباد هائيڪورٽ وٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جا اختيار نه آهن، هائيڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ آرٽيڪل 199 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ بشريٰ بي بي ۽ نجم ثاقب آڊيو ليڪس ڪيس ۾ هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت بشريٰ بي بي ۽ ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت اسلام آباد هائيڪورٽ جا 29 مئي ۽ 25 جون وارا حڪمناما به معطل ڪري ڇڏيا. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد هائيڪورٽ وٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جا اختيار نه آهن، هائيڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ آرٽيڪل 199 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. عدالت اسلام آباد جو 25 جون جو عدالتي حڪمنامو معطل ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ حڪم تائين وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. ڪائونٽر ٽيرر ازم ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ فون ٽيپنگ کان روڪڻ جو هائيڪورٽ جو حڪم رڳو هڪ ٻڌڻي لاءِ هو. سپريم ڪورٽ سرويلنس کان روڪڻ جو حڪم به معطل ڪري ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان چيو ته ڇا هائيڪورٽ اهو پتو لڳايو آهي ته آڊيو ڪير رڪارڊ ڪري رهيو آهي؟. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اڃا تائين اهو پتو ناهي پئجي سگهيو، جاچ جاري آهي. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ سچ تائين ڪير نٿو پهچڻ چاهي، سچ ڄاڻڻ لاءِ انڪوائري ڪميشن ٺهي ان کي سپريم ڪورٽ مان منع نامو ڏنو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ اڄ تائين ٻيهر آڊيو ليڪس ڪيس مقرر ئي ناهي ٿيو. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته پارليامينٽ سچ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي به روڪيو ويو، پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻو ڏنو ويندو نه ئي عدالت کي ته سچ ڪٿان سامهون ايندو؟. جسٽس امين الدين خان چيو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته جن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي آڊيو انهن ليڪ ڪئي هجي، ڇا هن رخ کي ڏٺو ويو؟، اڄڪلهه ته موبائل ۾ رڪارڊنگ سسٽم موجود آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
39 %
0.7kmh
0 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون