- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پير جو ڳوٺ ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب 8 ماڻهو فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي سکر جي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ سکر کي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته واقعي تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، فوتين جي وارثن جي هر طرح جي مدد ڪئي وڃي، واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پير جو ڳوٺ ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب 8 ماڻهو فوت ٿيڻ جو نوٽيس ورتو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پير ڳوٺ ۾ ٿيل واقعي تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، جاچ مختلف کان ڪئي وڃي ته زهريلو کاڌو ڪيئن ٿيو؟.
وڏي وزير، سکر جي ڪمشنر ۽ ڊي آءِ سکر کي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته غفلت ۽ دشمني سميت مختلف رخن کي نظر ۾ رکيو وڃي، هي واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ زهريلو کاڌو ڪٿان آندو ويو هو؟.
مراد علي شاهه انتظاميا کي حڪم ڏيندي چيو ته فوتين جي وارثن جي هر طرح جي مدد ڪئي وڃي………- Advertisement -
