تازه ترين

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس اعجاز الاحسن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس اعجاز الاحسن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، کيس آڪٽوبر 2024ع ۾ چيف جسٽس بڻجڻو هو، استعيفيٰ بعد جسٽس منصور علي شاهه سپريم جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم جڊيشل ڪميشن جو حصو ٿي ويو آهي. سپريم ڪورٽ مان هڪ وڏي استعيفيٰ اچي وئي آهي، جسٽس اعجاز الاحسن به عهدو ڇڏي ڏنو آهي. جسٽس رٽائرڊ مظاهر علي اڪبر نقوي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي سينارٽي لسٽ ۾ ٽيون نمبر جج جسٽس اعجاز الاحسن عهدي تان استعيفيٰ ڏني. جسٽس اعجاز الاحسن پنهنجي استعيفيٰ صدر ڊاڪٽر عارف علويءَ ڏانهن موڪلي ڇڏي. جسٽس اعجاز الاحسن سينارٽي لسٽ ۾ ٽيون سينيئر ترين جج هو ۽ کيس آڪٽوبر 2024ع ۾ چيف جسٽس ٿيڻو هو. جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفيٰ بعد جسٽس منصور علي شاهه سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجندو. جسٽس اعجاز الاحسن جي استعيفيٰ سان سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ سپريم جڊيشل ڪميشن ۾ به تبديليون ڪيون ويون آهن. جسٽس منصور علي شاهه سپريم جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر بڻجي ويو ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم جڊيشل ڪميشن جو حصو بڻجي ويو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪئي هئي ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل کان ڌار ٿي ويو هو، جنهن بعد جسٽس منصور علي شاهه کي ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو. جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس رٽائرڊ مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي سان اختلاف ڪيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون